Improved Agriculture Practices

 

Sub – Component C1:

This Sub- Component will provide laser guided land leveling equipment and associated deep ripping equipment, and will facilitate training in the use of deep ripping equipment. These will help farmers save irrigation water, curtail irrigation time, improve efficiency of agriculture Inputs such as fertilizers, and achieve uniform seed germination, resulting in increased crop yields.

Sub- Component C2:

This Sub- Component will facilitate training to farmers to improve crop production and irrigation agronomy practices.

Sub- Component C3:

This Sub-component will provide Technical Assistance and Training (TAT) Consultants to provide training to field team, public sector staff and farmers in HEIS installation, operation and repair, crop diversification, crop production under HEIS, soil measurement and fertilizer application, and to support piloting of activities under Sub- component B2 and training of trainers for operators in laser land leveling and deep ripping under Sub- Components C1.

 

Laser Land Leveler or Laser Land Leveler Equipment

Prevention of water wastage during crop production process is obligatory for appropriate production and maximum utilization of available resources. This will not only enhance production but also saved water will be used for harvesting more soil on national level.

Pakistan’s agrarian system is one of the oldest, broadest and unique systems of the world though.  Yet it very complex in terms of its compatibility.  Only 40 million, out of 142 million-acre feet derived from our rivers, is available for crop production. Whereas throughout its flow, by one way or another, it comes across such circumstances that it is wasted, causes harm and also rendering our soil water logging & salinity.

Unleveled soil is one of those reasons which cause wastage of water & less agriculture production.

Such as:

  1. More water is required for upper level of soil.
  2. In the wake of limited resources of water, irrigation is insufficient on upper level of soil. On the contrary, soil at lower level gets more than required water. So upper part of soil becomes saline due to salty substances and lower part becomes under water logging due to unwanted still water.
  3. Because of unleveled soil, both planting and growth of seed are affected, thus leaving a negative effect on production.
  4. Many parts of unleveled soil remain deprived of proper effect of fertilizer due to its unevenness which consequently wastes farmer’s capital as well.

Government ‘s cooperation in providing Laser Land Leveler

Sindh Irrigated Agriculture Productivity Enhancement Project (SIAPEP) has been initiated by Government of Sindh in Collaboration with World Bank. Under this scheme, 1073 Land Levelers have been distributed on a subsidy rate in various district of Sindh so far.

In this connection, farmers and landowners of Sindh are advised to get benefitted on a great extent by this program and get Land Leveler on a considerably low rate. In this scheme, farmer will bear only 55% of the cost and the rest 45% will be borne by the government.

Benefits of Leveled Land

If soil is leveled at standard level, it will not only save water but also will change characteristics of soil.

Following are the benefits of leveled soil:

  1. Even supply of water in whole piece of soil and increase the potentially of irrigation.
  2. Enhanced productivity.
  3. Conservation of water by 25-30%, result in more production.
  4. Uniform growth of plant
  5. Even usage of fertilizer.

 

 

تعارف ۽ مقصد  

فصلن جي مناسب آبپاسي ۽ محدود وسيلن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته آبپاشي سرشتي جي مختلف مرحلن ۾ پاڻيءَ زيان کي روڪيو وڃي ، اهڙي طرح نه صرف هر فصل جي ڀرپور پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ مقرر مقدار ۾ پاڻي مهيا ڪري سگهبو، بلڪه واڌو پاڻيءَ جي فراهمي سبب ملڪي سطح تي وڌيڪ زمين سيراب ڪري وڌيڪ پئداوار حاصل ڪري سگهجي ٿي.

پاڪستان جو آبپاشي نظام جيتوڻيڪ پنهنجي وسعت جي اعتبار کان دنيا جو پراڻو ۽ منفرد آبپاشي نظام تصور ڪيو وڃي ٿو، پر پنهنجي صلاحيت جي لحاظ کان اوترو وري پيچيده به آهي ، اسان جي دريائن مان حاصل ٿيڻ واري ساليانه 142 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻيءَ  مان صرف 40 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي فصلن جي آبپاشي جي لاءِ مهيا ٿئي ٿو ، جڏهن ته ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي اهڙن عملن جي ور چڙهي وڃي ٿو، جن جي ذريعي اهو نه صرف ضايع ٿي وڃي ٿو  پر نقصان جو باعث به ٿي رهيو آهي۽ اسان جون زرخيز زمينون سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي رهيو آهن.

انهن ئي سببن مان هڪ سبب زمين جو ناهموار هجڻ به آهي ، جنهن جي ڪري قيمتي پاڻي ضايع ٿي زرعي پئداوار ۾ گهٽتائي جوسبب بڻجي ٿو.

جيئن:

  1. زمين ۾ مٿانهن حصن تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ زمين کي گهڻي مقدار ۾ اضافي پاڻي فراهم ڪرڻو پوندو آهي.
  2. آبپاشي لاءِ پاڻي جو مقدار محدود هجڻ سبب زمين جي مٿانهين وارن حصن تي آبپاشي ناڪافي هوندي آهي، جڏهن ته هيٺانهن وارا حصا ضرورت کان وڌيڪ سيراب ٿيندا آهن ، ان جي ڪري زمين مٿين حصن ۾ لوڻياٺ جي جمع ٿيڻ سان ڪلر پيدا ٿيندو آهي، جڏهن ته هيٺين حصن ۾ بيٺل پاڻي زير زمين کار پاڻيءَ سان ملي ڪري سم جو باعث ٿيندو آهي.
  3. پوري زمين ۾ وٽ هڪ جهڙو نه هجڻ ڪري ٻج جي پوکي ۽ ان جو اسرڻ ٻئي متاثر ٿين ٿا. جنهنڪري  پئداوار تي منفي اثر پوندا آهن.
  4. ناهموار زمين جي مختلف حصن ۾ گهم جي گهٽ وڌائي سبب ڀاڻ جو اثر گهٽجي ويندو آهي. جنهن ڪري آبادگارن جو ناڻو به ضايع ٿيندو آهي.

 ليزر لينڊ ليولر مهيا ڪرڻ ۾ سرڪار جو سهڪار

هن وقت سنڌ حڪومت ورلڊ بئنڪ جي مالي مدد سان جيڪو پراجيڪٽ (SIAPEP) سنڌ اريگيٽيڊ ايگريڪلچر پروڊڪٽوٽي انهانسمينٽ پروجيڪٽ شروع ڪيو آهي، ان جي پروگرام تحت هيل تائين سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ رعايتي اگهه تي 1073ليزر لينڊ ليولر ( زمين هموار ڪرڻ واري مشين ) آبادگارن ۾ ورهايا ويا آهن .

ان سلسلي ۾ سنڌ جي آبادگارن ۽ زميندارن کي اسان جو نهايت ئي مفيد مشورو آهي ته هو پروجيڪٽ جي هن پروگرام مان وڌ کان وڌ فائدو وٺن  ۽ رعايتي اگهه تي ليزرلينڊ ليولر حاصل ڪن .

جنهن ۾ ڪل رقم جو 55 سيڪڙو آبادگار کي ڏيڻو آهي ۽ باقي 45 سيڪڙو حڪومت ادا ڪندي.

زمين هموار ڪرڻ جا فائدا

جيڪڏهن زمين جي همواري گهربل معيار مطابق ڪئي وڃي ته نه صرف پاڻيءَ جي بچت ٿيندي ، بلڪه ان سان زمين جي خاصيت به تبديل ٿي ويندي ، هموار زمين جا هيٺيان فائدا آهن .

  1. پوري فصل ۾ پاڻيءَ جو ڦهلاءُ هڪ جيترو هوندو آهي ۽ اهڙي طرح آبپاشي جي صلاحيت وڌي ويندي آهي.
  2. هموار زمين سان پاڻيءَ جي 25 کان 30 سيڪڙو بچت ٿيندي آهي. جنهنڪري وڌيڪ ايراضي تي فصل پوکي سگهجن ٿا.
  3. ٻوٽن جي واڌ ويجهه هڪ جهڙي ٿيندي آهي. جنهن ڪري پئداوار ۾ 20 سيڪڙو اضافو ٿئي ٿو.
  4. ڪيميائي ڀاڻ جو استعمال به سموري فصل ۾ هڪ جيترو ٿيندو.
  5. پوري زمين ۾ هڪ جههڙو پاڻي بيهڻ سان زمين ۾ موجود ڳرڻ جوڳا نقصان ڪار لوڻياٺ پاڻي ۾ حل ٿي ڪري ٻوٽن جي پاڙن کان هيٺ هليا ويندا آهن ، جنهن ڪري فصل جي پئداوار ۾ ڪافي واڌارو ٿيندو آهي.