
Sindh Irrigated Agriculture Productivity Enhancement Project
Abstract
Sindh Irrigated Agriculture Productivity Enhancement Project (SIAPEP) is a World Bank funded Project. This Project started in 2015 and would be completed by December 2021.
The development objective for the Sindh Irrigated Agriculture Productivity Enhancement Project is to improve irrigation water management at Tertiary and field levels in Sindh. The project supports efficient management scarce water resources and Tertiary and field level where water loses is highest together with promotion of High Efficiency Irrigation System and improved Irrigation agronomy, the project is designed to augment adaptation under different Climate Change scenarios. The project has four components.
تعارف ۽ مقصد
فصلن جي مناسب آبپاسي ۽ محدود وسيلن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته آبپاشي سرشتي جي مختلف مرحلن ۾ پاڻيءَ زيان کي روڪيو وڃي ، اهڙي طرح نه صرف هر فصل جي ڀرپور پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ مقرر مقدار ۾ پاڻي مهيا ڪري سگهبو، بلڪه واڌو پاڻيءَ جي فراهمي سبب ملڪي سطح تي وڌيڪ زمين سيراب ڪري وڌيڪ پئداوار حاصل ڪري سگهجي ٿي.
پاڪستان جو آبپاشي نظام جيتوڻيڪ پنهنجي وسعت جي اعتبار کان دنيا جو پراڻو ۽ منفرد آبپاشي نظام تصور ڪيو وڃي ٿو، پر پنهنجي صلاحيت جي لحاظ کان اوترو وري پيچيده به آهي ، اسان جي دريائن مان حاصل ٿيڻ واري ساليانه 142 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻيءَ مان صرف 40 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي فصلن جي آبپاشي جي لاءِ مهيا ٿئي ٿو ، جڏهن ته ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي اهڙن عملن جي ور چڙهي وڃي ٿو، جن جي ذريعي اهو نه صرف ضايع ٿي وڃي ٿو پر نقصان جو باعث به ٿي رهيو آهي۽ اسان جون زرخيز زمينون سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي رهيو آهن.
انهن ئي سببن مان هڪ سبب زمين جو ناهموار هجڻ به آهي ، جنهن جي ڪري قيمتي پاڻي ضايع ٿي زرعي پئداوار ۾ گهٽتائي جوسبب بڻجي ٿو.
جيئن:
- زمين ۾ مٿانهن حصن تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ زمين کي گهڻي مقدار ۾ اضافي پاڻي فراهم ڪرڻو پوندو آهي
- آبپاشي لاءِ پاڻي جو مقدار محدود هجڻ سبب زمين جي مٿانهين وارن حصن تي آبپاشي ناڪافي هوندي آهي، جڏهن ته هيٺانهن وارا حصا ضرورت کان وڌيڪ سيراب ٿيندا آهن ، ان جي ڪري زمين مٿين حصن ۾ لوڻياٺ جي جمع ٿيڻ سان ڪلر پيدا ٿيندو آهي، جڏهن ته هيٺين حصن ۾ بيٺل پاڻي زير زمين کار پاڻيءَ سان ملي ڪري سم جو باعث ٿيندو آهي.
- پوري زمين ۾ وٽ هڪ جهڙو نه هجڻ ڪري ٻج جي پوکي ۽ ان جو اسرڻ ٻئي متاثر ٿين ٿا. جنهنڪري پئداوار تي منفي اثر پوندا آهن.
- ناهموار زمين جي مختلف حصن ۾ گهم جي گهٽ وڌائي سبب ڀاڻ جو اثر گهٽجي ويندو آهي. جنهن ڪري آبادگارن جو ناڻو به ضايع ٿيندو آهي.
ليزر لينڊ ليولر مهيا ڪرڻ ۾ سرڪار جو سهڪار
هن وقت سنڌ حڪومت ورلڊ بئنڪ جي مالي مدد سان جيڪو پراجيڪٽ (SIAPEP) سنڌ اريگيٽيڊ ايگريڪلچر پروڊڪٽوٽي انهانسمينٽ پروجيڪٽ شروع ڪيو آهي، ان جي پروگرام تحت هيل تائين سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ رعايتي اگهه تي 1073ليزر لينڊ ليولر ( زمين هموار ڪرڻ واري مشين ) آبادگارن ۾ ورهايا ويا آهن .
ان سلسلي ۾ سنڌ جي آبادگارن ۽ زميندارن کي اسان جو نهايت ئي مفيد مشورو آهي ته هو پروجيڪٽ جي هن پروگرام مان وڌ کان وڌ فائدو وٺن ۽ رعايتي اگهه تي ليزرلينڊ ليولر حاصل ڪن .
جنهن ۾ ڪل رقم جو 55 سيڪڙو آبادگار کي ڏيڻو آهي ۽ باقي 45 سيڪڙو حڪومت ادا ڪندي.
زمين هموار ڪرڻ جا فائدا
جيڪڏهن زمين جي همواري گهربل معيار مطابق ڪئي وڃي ته نه صرف پاڻيءَ جي بچت ٿيندي ، بلڪه ان سان زمين جي خاصيت به تبديل ٿي ويندي ، هموار زمين جا هيٺيان فائدا آهن .
-
- پوري فصل ۾ پاڻيءَ جو ڦهلاءُ هڪ جيترو هوندو آهي ۽ اهڙي طرح آبپاشي جي صلاحيت وڌي ويندي آهي.
- هموار زمين سان پاڻيءَ جي 25 کان 30 سيڪڙو بچت ٿيندي آهي. جنهنڪري وڌيڪ ايراضي تي فصل پوکي سگهجن ٿا.
- ٻوٽن جي واڌ ويجهه هڪ جهڙي ٿيندي آهي. جنهن ڪري پئداوار ۾ 20 سيڪڙو اضافو ٿئي ٿو.
- ڪيميائي ڀاڻ جو استعمال به سموري فصل ۾ هڪ جيترو ٿيندو.
- پوري زمين ۾ هڪ جههڙو پاڻي بيهڻ سان زمين ۾ موجود ڳرڻ جوڳا نقصان ڪار لوڻياٺ پاڻي ۾ حل ٿي ڪري ٻوٽن جي پاڙن کان هيٺ هليا ويندا آهن ، جنهن ڪري فصل جي پئداوار ۾ ڪافي واڌارو ٿيندو آهي
Community Water Infrastructure Improvement
This Sub-Component will assist Government of Sindh efforts to: Improve and Rehabilitate.
Promotion and Installation of High Efficiency Irrigation Systems-HEIS
This Sub-Component will support installation of HEIS System (drippers, bubblers and micro-tubes) for growing high value crops on irrigated.
Improved Agriculture practices
This Sub-Component will provide laser guided land leveling equipment and associated.
Project Management, Monitoring & Evaluation
This Sub-Component will provide support for project monitoring and evaluation and carrying .
The Project will also support the farmers in their capacity building activities through Farmers Field Schools, exposure visits, NEFRs technology and information Kiosks. The Project will contribute to improve the water management and enhanced agriculture productivity at Farm level through above mentioned interventions.