Home  |  Procurement | Progress  | Gallery | Downloads | Careers | GRM | ContactUs | AboutUs | Email Login

FAQs - FREQUENTLY ASKED QUESTIONS (SINDHi VERSION)

ENGLISH Version

آبادگار ڀائرن جي سهولت لاءِ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان هلندڙ پروجيڪٽ سياپيپ طرفان هيس يا ڊرپ ايريگيشن سسٽم

متعلق معلوماتي سوال ۽ انهن جا جواب.              

(HEIS / Drip Irrigation System)

پاڻي جي بچت وارو بهتر ۽ جديد آبپاشي نظام (ڊرپ ايريگيشن سسٽم) لڳرائڻ جا فائدا.

(1) ڊرپ ايريگيشن سسٽم ڇا کي ٿو چئجي؟

جواب. هي آبپاشي جو هڪ اهڙو طريقو آهي جنهن سان پاڻي زمين کي نه پر سڌو سنئون ٻوٽن ۽ فصل جي پاڙن کي ننڍن پائيپن ذريعي ڏنو وڃي ٿو.

(2) ڊرپ ايريگيشن سسٽم لڳرائڻ جا فائدا.

جواب:  پئداوار ۾ اضافو 40 کان 60 سيڪڙو ٿئي ٿو ۽ فصل جو معيار بهتر ٿئي ٿو.

* فصلن جي نشو نما يا ڦوٽهڙو هڪ جهڙو ٿئي ٿو ۽ فصل جلدي تيار ٿين ٿا.

* پاڻي جي بچت 40 کان 80 تائين وڌيڪ ٿئي ٿي تنهن ڪري بچل پاڻي سان وڌيڪ زمين آباد ڪري سگھجي ٿي.

* هن  نظام ذريعي غير آباد ۽ غير هموار زرعي زمين آبادي هيٺ آڻي سگھجي ٿي.

* هن سسٽم جي ذريعي ڀاڻ ڏيڻ جي صلاحيت وڌي وڃي ٿي، ڀاڻ کي پاڙن جي ويجهو ڏيڻ ڪري ان جو اثر گھڻو ٿئي ٿو ۽ پيداوار وڌي ٿي.

* هن سسٽم جي ذريعي بجلي ۽ ڊيزل جي بچت ٿئي ٿي ۽ مزدوري جي پڻ بچت ٿئي ٿي (ڀاڻ ڇٽڻ، گند گاه کي ختم ڪرڻ جي مزدوري بچي ٿي).

* هن سسٽم ۾ جئين ته پاڻي ٻوٽي جي ويجهو ڪري ٿو ان ڪري پاڻي صرف ٻوٽي جي پاڙ کي ملي ٿو جنهن ڪري پاڻي جي بچت ٿئي ٿي.

* آبپاشي جي روايتي طريقي جي نسبت هي سسٽم واريءَ واري زمين ۾ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪارائتو آهي.

* هن سسٽم جي ذريعي سم واري زمين کي به پوک جي لائق بڻائي بهتر پيداوار حاصل ڪري سگھجي ٿي.

 (3)  پروجيڪٽ طرفان باغن ۾ هي سسٽم لڳرائڻ ۾ ڪهڙي مالي مدد ڪئي ويندي؟

جواب.

25-21

ايڪڙن تائين

20-16

ايڪڙن تائين

15-11

ايڪڙن تائين

10-6

ايڪڙن تائين

 3-5

ايڪڙن تائين

HEIS Unit Size

هڪ يونٽ جو رقبو

Rs. 47225

في ايڪڙ

Rs. 49347

في ايڪڙ

Rs. 55801

في ايڪڙ

Rs. 61390

في ايڪڙ

Rs, 75920

في ايڪڙ

 (مالي مدد)

Subsidy/Acre

ڏني ويندي؟ (Subsidy) 4. پروجيڪٽ طرفان ڀاڄين ۽ فصلن تي ڪيتري مالي مدد

جواب.

25-21

ايڪڙن تائين

20-16

ايڪڙن تائين

15-11

ايڪڙن تائين

10-6

ايڪڙن تائين

 3-5

ايڪڙن تائين

HEIS Unit Size

هڪ يونٽ جو رقبو

Rs: 78,980

في ايڪڙ

Rs: 82,102

في ايڪڙ

Rs: 88,161

في ايڪڙ

Rs: 93,750

في ايڪڙ

Rs: 111,707

في ايڪڙ

 (مالي مدد)Subsidy/Acre

5. آبادگار کي في ايڪڙ ڪيتري لاڳت ڀرڻي پوندي؟

۽ آبادگار جي  (subsidy)جواب. آبادگار کي لاڳت جو تقريبن 50 سيڪڙو ڀرڻو پوندو. يعني پروجيڪٽ طرفان ڏنل مدد

لاڳت تقريبن اڌو اڌ ٿيندي.

6. آبادگار ڊرپ ايريگيشن سسٽم / هيس سسٽم ڪيئن لڳرائي سگهي ٿو؟

جواب. سنڌ ۾ هر ضلعي، تعلقي ۽ يونين ڪائونسل جي سطح تي هن پروجيڪٽ جون آفيسون ۽ فيلڊ ٽيمون موجود آهن ۽ ڪو به آبادگار پروجيڪٽ جي ڊپٽي ڊاريڪٽر، اسسٽنٽ ڊاريڪٽر يا فيلڊ ٽيم وٽ رجوع ڪري سگهي ٿو.

درخواست   حاصل ڪرڻ لائق آهي ۽ ان لاءِ ڪهڙا دستاويز(Subsidy)7. ڪهڙو آبادگار پروجيڪٽ طرفان ملندڙ مالي مدد

 سان گڏ پيش ڪرڻ گهرجن؟

جواب. هر آبادگار جنهنجو صحيح شناختي ڪارڊ ٺهيل هجي ۽ پنهنجي زمين جو ستون فارم لاڳاپيل مختيار ڪار وٽان تصديق ٿيل هجي ۽ لاڳاپيل زرعي زمين تائين پاڻي رسائڻ جو مستقل انتظام هجي، اهڙا آبادگار رجوع ڪري سگهن ٿا.

 ڏئي ٿو؟(Subsidy)8. ڇا پاڻي ذخيرو ڪرڻ واري ٽينڪ يا حوض ٺهرائڻ لاءِ به پروجيڪٽ مالي مدد

 ڏئي ٿو. (Subsidy)جواب. ها پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ٽينڪ يا حوض ٺهرائيندڙ لاءِ به پروجيڪٽ مالي مدد 

پروجيڪٽ انهن آباگارن کي اوليت ڏئي ٿو جن وٽ ڊرپ ايريگيشن سسٽم لاءِ 6-7 دفعا پاڻي ڏيڻ جيتري ٽينڪ اڳ۾ ئي موجود آهي.    مان فائدو وٺي ضرورت(subsidy)پر جن وٽ اهڙي ڪا به ٽينڪ يا حوِض ڪونهي اهي پروجيڪٽ طرفان ملندڙ مالي مدد

جيتري ٽينڪ ٺهرائي سگهن ٿا.

 ڏني وڃي ٿي؟(subsidy)9. پروجيڪٽ طرفان مختلف ماپ جي ٽينڪ يا حوض ٺهرائڻ لاءِ ڪيتري مالي مدد

 ڏني وڃي ٿي ۽ آبادگار کي60 کان 65 سيڪڙو(subsidy)جواب. پروجيڪٽ طرفان في ايڪڙ 35 کان 40 سيڪڙو مالي مدد

خرچ پاڻ ڀرڻو آهي.

10. آبادگار پنهنجي حصي جي رقم ڪهڙي طريقي سان ادا ڪندو؟

جواب. آبادگار جنهن ڪمپني کان سامان خريد ڪندو ان ڪمپني جي نالي پنهنجي حصي جي رقم جو بئنڪ مان ڊمانڊ ڊرافٽ

 ٺهرائي سياپيپ جي لاڳاپيل ڊپٽي ڊاريڪٽر حوالي ڪندو(Demand Draft)

 يا ڊرپ ايريگيشن سسٽم ڪير لڳائيندو؟(HEIS)11. هيس

 جنهن کان آبادگار ڊرپ سسٽم جو سامان وغيره خريد ڪندو، اها ڪمپني(supplier & service company)جواب. ڪمپني

سسٽم لڳائي ڏيڻ جي به ذميوار هوندي.

 ڪيئن ادا ڪندو؟(subsidy)12. سياپيپ پروجيڪٽ پنهنجو حصو

 کي قسطن ۾ ادا ڪندو جيستائين(ssc)جواب. پروجيڪٽ ان سڄي مرحلي جو ذميوار هوندو ۽ پنهنجي حصي جي رقم ان ڪمپنيءَ

سسٽم لڳي وڃي ۽ ڪاميابيءَ سان هلڻ لڳي.

13. پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي ٽينڪ يا حوض ڪير تعمير ڪرائيندو؟

جواب. جيڪو آبادگار ڊرپ ايريگيشن سسٽم لڳائڻ لاءِ پنهنجي رقم وارو حصو ادا ڪري ڇڏيندو اهو ئي پاڻي ذخيرو ڪرڻ وارو ٽينڪ لڳرائڻ جي لائق هوندو ۽ پاڻ ئي ٽينڪ يا حوض ٺهرائڻ جو به ذميوار هوندو جنهن کي پروجيڪٽ ٽينڪ ٺهرائڻ جو اختيار

 ڏيندي.   (Work order) نامو

    پروجيڪٽ کان ڪيئن حاصل ڪري سگهندو؟ (subsidy)14. آبادگار پاڻي ذخيرو ڪرڻ واري واٽر ٽينڪ جي مالي مدد

جواب. آبادگار پروجيڪٽ سان هڪ معاهدو ڪندو جنهن کانپوءِ آباگار کي پروجيڪٽ لکت ۾ اختيار نامو ڏيندو جنهن تحت    subsidyآبادگار کي 30 ڏينهن اندر واٽر ٽينڪ ٺهرائڻي پوندي. سياپيپ جا نمائيندا ڪم جو معائنو ڪندا ۽

   جي اڌ رقم پروجيڪٽ ٽينڪ جي 50 سيڪڙو يعني اڌ ڪم مڪمل ٿيڻ تائين آبادگارکي ڏيندو ۽ باقي اڌ رقم سڄي ٽينڪ مڪمل ٺهڻ کانپوءِ آبادگار کي ڏني ويندي.

15. ڪچن گارڊننگ ڇا کي ٿو چئجي؟

جواب. ڪچن گارڊننگ گھريلو سطح تي ڊرپ سسٽم جو هڪ طريقو آهي جنهن جو مطلب آهي “گھر جي اڱڻ تي يا گھر ٻاهران ٽڪر زمين تي ڀاڄيون ۽ ميوو پوکڻ” جنهن سان ٿوري محنت ۽ ٿوري خرچ سان تازيون ڀاڄيون پيدا ڪري ڪٽنب جون غذائي ضرورتون      پوريون ڪري سگهجن.

16. ڪچن گارڊننگ يا گھريلو ڀاڄيون پوکڻ جا ڪهڙا فائدا آهن؟

جواب. گھر اڱڻ تي پنهنجون ڀاڄيون پوکڻ  سان کاڌ خوراڪ جي اڻاٺ کي منهن ڏئي سگھجي ٿو.

* جيڪي پئسا ٻاهران مارڪيٽ مان ڀاڄيون وغيره خريد ڪرڻ تي خرچ ڪجن ٿا اها رقم بچائي ٻي ڪنهن ڪم ۾ ڪتب آڻي سگھجن ٿا.

* گھر جي ضرورت کان وڌارو ڀاڄيون مارڪيٽ ۾ وڪڻي ڪجه ناڻو ڪمائي سگھجي ٿو.

* غذائي ضرورتون پوريون ٿيڻ ڪري گھڻين بيمارين کان بچي سگھجي ٿو ۽ انساني صحت بهتر رهي ٿي.

* گھڻي تعداد ۾ ڀاڄيون پوکي مارڪيٽ ۾ کپائڻ سان مقامي سطح تي ڀاڄين جي قيمت ۾ گھٽتائي آڻي سگھجي ٿي.

* ڊرپ سسٽم جي هن طريقي سان ڪابه ڀاڄي ڪنهن به موسم ۾ پوکي سگھجي ٿي.

17. ڊرپ سسٽم جو اهو طريقو ڪيئن استعمال ٿيندو ۽ ان اوزار کي ڇاٿو سڏجي؟

سڏيو وڃي ٿو ان ڪٽ ذريعي ڦڙو ڦڙو پاڻي ڀاڄين جي سلن ۽ (Kitchen Garden Kit)جواب. ان اوزار کي ڪچن گارڊن ڪٽ

پاڙن تائين رسايو وڃي ٿو.

18. اها ڪٽ ڪيئن حاصل ڪري سگھبي ۽ ڪهڙن ماڻهن کي ملي سگھي ٿي؟

جواب. بي سهارا ۽ غريب عورتون، بي زمين هاري، تمام ننڍڙا آبادگار وغيره جن وٽ 300 کان 400 فوٽ جيترو زمين ٽڪرو هجي جتي هو ڪٽ هڻي اهي ڀاڄيون پوکي سگھي.

* اهي غريب ماڻهو، عورتون ۽ هاري جيڪي گھٽ ۾ گھٽ هڪ سال تائين ان ڪٽ جي سار سنڀال ڪري سگھن ۽ ان کي ڪاميابي سان هلائي سگھن.

* جن وٽ صاف ۽ پوکي لائق پاڻي جو مستقل ذريعو هجي.

* جن کي (ڪچن گارڊننگ) گھريلو ڀاڄين پوکڻ جو پاڻ مرادو شوق هجي.

* جيڪي ڪچن گارڊننگ ۽ ڪٽ استعمال ڪرڻ واري ترتيب حاصل ڪرڻ لاءِ آماده هجن.

    ۾ سکيا وٺي سگھن. (Farmers’ Field Schools)* جيڪي پروجيڪٽ طرفان آباگارن جي تربيت لاءِ هلندڙ زرعي تربيتي اسڪول * جتي سياپيپ پروجيڪٽ جا ٻيا ڪم (جھڙوڪ ڊرپ ايريگيشن سسٽم ۽ واٽرڪورس وغيره) هلي رهيا هجن ان جي آس پاس ۽ پسگردائي وارن غريب هارين ۽ گھريلو عورتن کي اوليت ڏني ويندي.

19. ڪچن گارڊننگ ڪٽ لڳرائڻ لاءِ ڪيتري زمين درڪار آهي؟

جواب. فقط 400 فٽ جي اڱڻ يا زمين ٽڪر تي هي ڪٽ لڳرائي سگھجي ٿي.

20. ڪٽ سان گڏ پروجيڪٽ طرفان ٻي ڪهڙي امداد ڏني وڃي ٿي؟

جواب. مفت ڪٽ سان گڏ ڀاڄين جو ٻج، ڀاڻ، معدنيات وغيره به مفت مهيا ڪيا وڃن ٿا.

21. ڪچن گارڊننگ ڪٽ لاءِ مستحق ماڻهن جي چونڊ ڪيئن ٿيندي؟

جي مدد پڻ حاصل ڪندو جيڪي گھڻي قدر اڳ۾ ئي اهڙي منصوبي  NGOsجواب. ان ڏس ۾ پروجيڪٽ انهن

تي ڪم ڪري رهيون آهن (kitchen gardening)